پکين جي پارليامينٽ

پکين جي پارليامينٽ

پکين جي پارليامينٽ

پکين جي پارليامينٽ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب فارسي زبان جي ليکڪ فريدالدين عطار جي لکيل مثنوي ”منطق الطير“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تمثيلي طور پکين ۾ انساني زندگيءَ جي عام واقعن کي بيان ڪيو آهي. شيخ فريدالدين عطار کي شهرت بخشيندڙ هن ڪتاب جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن. جن ۾ اردو زبان ۾ هيءُ ڪتاب ’تفسير شرح منطق الطير‘ جي عنوان سان احمد حسن سواتيءَ ۽ ’لسان الطير شرح منطق الطير‘ جي عنوان هيٺ آغا محمد اشرف دهلويءَ ترجمو ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ ترجمو 1959ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ پاران 3 ڀيرا 1962ع، 1968ع، 1979ع ۾ شايع ڪرايو ويو ۽ ان جو هيءُ چوٿون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي ۽ ڪل 160 صفحن تي مشتمل آهي. ترجمي نگار ”منطق الطير“ ۾ موجود شروعاتي 600 مدحيه بيت ڇڏي قصي جو ترجمو ڪيو آهي، جنهن ۾ ترجمي جي عبارت، معنيٰ ۽ مفهوم کي وڻندڙ پيرايي ۾ پيش ڪرڻ ۽ فقط نقلي ترجمي تي ڀاڙي بيهڻ بجاءِ دلڪش انداز سان ويهي ڄڻ ته اصل ڪتاب جو اختصار لکيو آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر مترجم جي فرزند پروفيسر عطاءُ الله خان جلباڻي لکيا، جڏهن ته ديباچو غلام حسين جلباڻي جو لکيل آهي. ڪتاب جي مُنڍ وارن صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪ فريدالدين عطار جي سوانح پڻ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 64 ليک آهن. جن ۾ پکين وچ ۾ گفتگو، فنا ۽ بقا جي فلسفي تي ۽ ڪتاب متعلق موضوعن تي لکيل ليک شامل آهن. ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هن ڪتاب ۾ توڻي جو ننڍيون ڪهاڻيون، ڳالهيون درج ٿيل آهن، پر حقيقت ۾ اهي عقل ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو